پاڪستان ۽ چين جي ثقافتي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي پاڪستاني فلم دي ليجنڊ آف ملا جٽ 21 مئي تي چين ۾ رليز ڪئي ويندي.
فلم جي هدايتڪار بلال لاشاري چيني زبان ۾ ڊب ڪيل ٽريلر سان ان جو اعلان ڪيو.
هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن وڏي پاڪستاني فلم کي چين جي محدود پرڏيهي فلم مارڪيٽ ۾ نمايان جڳهه ملي آهي.
🇵🇰 🇨🇳 ‘دي ليجنڊ آف مولا جٽ’ دنيا جي سڀ کان خاص فلمن جي ڪوٽا ۾ شامل ٿي وئي آهي – اهو ڪم ڪرڻ واري پهرين پاڪستاني فلم آهي.
21 مئي 2026 کان چين جي سينما گهرن ۾.
پاڪستاني سئنيما لاءِ هڪ وڏو لمحو، ۽ عالمي اسٽيج تي اسان جي ڪهاڻين لاءِ هڪ نئون دروازو کولي رهيو آهي. pic.twitter.com/SU0c6uAF4j– بلال لاشاري (@blashari) مئي 9، 2026
واضح رهي ته 2022 ۾ رليز ٿيندڙ ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ پاڪستان جي سڀ کان مهانگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ اربين ڊالر جو بزنس ڪيو آهي.


