پي سي بي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب اها سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.
اڳوڻو سريلنڪن ٽيسٽ ڪرڪيٽر گريم لا ٽن ون ڊي ميچن لاءِ ميچ ريفري طور ڪم ڪندو.
پاڪستان جو احسن رضا، انگلينڊ جو رچرڊ ڪيٽلبرو ۽ سريلنڪا جو ڪمار ڌرماسينا، جيڪي آءِ سي سي ايلٽ پينل جو حصو آهن، آن فيلڊ امپائر هوندا.
ان کانسواءِ آصف يعقوب، فيصل آفريدي ۽ ناصر حسين به آن فيلڊ امپائر هوندا.
پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جو آصف يعقوب امپائرنگ ڪندو جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ فيصل آفريدي ڪيٽلبرو سان گڏ امپائرنگ ڪندو.
ٽئين ون ڊي ۾ احسن رضا ۽ ڌرم سينا آن فيلڊ امپائر ۽ ناصر حسين چوٿين امپائر جا فرض سرانجام ڏيندو.


