حڪومت جي سادگي واري پاليسي باوجود پيٽروليم شين جي بلن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



وفاقي حڪومت جي سادگي واري پاليسي جي باوجود هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 9 مهينن (جولاءِ کان مارچ) دوران ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي درآمدي بل ۾ 530 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مجموعي طور 8 ارب 93 ڪروڙ 90 لک ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات جي درآمد ڪئي وئي. وفاقي حڪومت پاران مالي سال 26-2025ع جي اقتصادي سروي موجب ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو ڪل استعمال 13.6 ملين ميٽرڪ ٽن رهيو ۽ ان ۾ گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ 3.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سروي ۾ انڪشاف ٿيو ته ٽرانسپورٽ جو شعبو پيٽروليم شين جو سڀ کان وڏو استعمال ڪندڙ رهيو، ان جي استعمال ۾ 6.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ شعبي ۾ پيٽروليم شين جو استعمال ڪل طلب جو 82 سيڪڙو آهي. انگن اکرن موجب ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پيٽروليم شين جو استعمال هڪ ڪروڙ ميٽرڪ ٽن مان وڌي هڪ ڪروڙ 12 لک ميٽرڪ ٽن ٿي ويو آهي. ٻئي طرف صنعتي شعبي ۾ پيٽروليم شين جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. اقتصادي سروي موجب صنعتي شعبي ۾ استعمال ۾ 42.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. صنعتي شعبي ۾ پيٽروليم شين جو استعمال 754 هزار ميٽرڪ ٽن مان گهٽجي 433 هزار ميٽرڪ ٽن ٿي ويو. مجموعي طلب ۾ صنعتي شعبي جو حصو 3.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. سروي ۾ ٻڌايو ويو ته پاور سيڪٽر ۾ پيٽروليم شين جي استعمال ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ملڪي شعبي ۾ پيٽروليم شين جي استعمال ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي آئي، مالي سال 26-2025ع ۾ 8 ارب 933.1 ملين ڊالرن جون پيٽروليم شيون درآمد ڪيون ويون. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2025ع جي مقابلي ۾ 2026ع ۾ 530 ملين ڊالر ماليت جي پيٽروليم مصنوعات امپورٽ ڪئي وئي، جولاءِ کان مارچ 2025ع تائين پيٽروليم شين جا امپورٽ بل 8 ارب 40 ڪروڙ ڊالر هئا، جولاءِ کان مارچ 2026ع دوران 2 ارب 96 ڪروڙ ڊالر ماليت جو پيٽرول امپورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران 2 ارب 96 ڪروڙ ڊالر ماليت جو پيٽرول ۽ آئل آرڊر ڪيو ويو. 747 ملين ڊالرن جو ڊيزل، 8.3 ملين ڊالرن جو 13 هاءِ آڪٽين درآمد ڪيو ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment