وفاقي بجيٽ 27-2026ع ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي سان لاڳاپيل ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ مختلف تبديلين جون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير دوران چيو ته پرڏيهي سفرن لاءِ بزنس ڪلاس جي ٽڪيٽن تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻئي طرف امپورٽ ٿيل گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي به تجويز آهي. 2 هزار کان 3 هزار سي سي جي ايس يو ويز کي به ان دائري ۾ آڻڻ تي غور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 3 هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ تجويزن موجب 2 ڪروڙ رپين کان مٿي جي اليڪٽرڪ گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي به لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. حڪومت جي نئين آٽو پاليسي تي به ڪم جاري آهي، جنهن جو جائزو وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي ڪندي. ٻئي طرف اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن، رڪشا ۽ بسن لاءِ موجوده مراعتون برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته امپورٽ ٿيل اليڪٽرڪ ٽرڪن تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو رعايت جي به تجويز ڏني وئي آهي. اهي سمورا قدم بجيٽ تجويزن جو حصو آهن، جن جي حتمي منظوري کانپوءِ عمل ڪيو ويندو.
Source link

وفاقي بجيٽ: ٽرانسپورٽ جي شعبي سان لاڳاپيل ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون ۾ تجويز ڪيل تبديليون
Leave a Comment Leave a Comment

