بنون ۾ تيز هوائن ۽ برسات سبب 4 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا، پي ڊي ايم اي ان حوالي سان شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب بنون ضلعي ۾ تيز هوائن ۽ تيز برساتن سبب مختلف هنڌن تي ڀتيون، گهر ۽ دڪان ڊهي پوڻ جا واقعا پيش آيا آهن. شروعاتي اطلاعن موجب حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ 2 مرد ۽ 2 ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 4 مرد، 5 عورتون ۽ 7 ٻارڙا شامل آهن، جن کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پي ڊي ايم اي جي ايمرجنسي آپريشنز سينٽر موجب ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارا متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته نقصان جو وڌيڪ اندازو لڳائڻ جو عمل جاري آهي. پي ڊي ايم اي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته خراب موسم دوران احتياطي اپاءَ وٺن، ڪمزور ۽ زبون عمارتن کان پري رهن ۽ ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ مقامي انتظاميه سان رابطو ڪن. پي ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي، ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، عوام ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اطلاع هيلپ لائن 1700 تي ڏئي.
Source link

بنون ۾ تيز هوائن ۽ برسات سبب 4 ڄڻا فوت، 16 زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

