ناڻي واري وزير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندو، پر هر پاس، هر بچاءَ ۽ هر گول ۾ پاڪستان جو حصو هوندو.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي حوالي سان ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي آفيشل ميچ بال کي سيالڪوٽ جي ماهر ڪاريگرن ٺاهيو.
جيئن ته #فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي شروعات ميڪسيڪو، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستان راندين جي هن عالمي جشن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو.
آفيشل ميچ بال، ايڊيڊاس ٽرينڊا، پاڪستاني رانديگرن جي مهارت، نفاست ۽ ڪاريگريءَ ذريعي سيالڪوٽ ۾ تيار ڪئي وئي…
اسحاق ڊار (@MIshaqDar50) جون 13، 2026
هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ تيار ڪيل ايڊيڊاس ٽرينڊا کي ورلڊ ڪپ جي هر ميچ ۾ استعمال ڪيو ويندو.


