آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ اڄ لکت ۾ امن معاهدي تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن تي پاڪستان اليڪٽرانڪ دستخط ڪندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي صورتحال، آمريڪا-ايران ڳالهين ۽ مستقبل ۾ علائقائي سفارتي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهين جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي آجيان ڪئي جڏهن ته ان اميد جو اظهار ڪيو ته سڀاڻي ٿيڻ واري اليڪٽرانڪ دستخطي تقريب کانپوءِ پيش رفت خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
ڳالهين دوران سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ڳالهين جي عمل دوران ثالثي، مفاهمت ۽ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ موثر ڪوششن کي ساراهيو.
جڏهن ته، پرڏيهي معاملن واري وزارت اليڪٽرانڪ دستخطي تقريب جي جڳهه ۽ انعقاد بابت تفصيل جاري نه ڪيا آهن.
بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن هن مهيني جي آخر ۾ مصر ۾ ٿيندڙ علائقائي چار ملڪي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس (آر-4) جي تيارين ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون جي فروغ لاءِ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي تي اليڪٽرانڪ يا ورچوئل دستخط جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ امن معاهدي تي صحيحون آچر تي متوقع آهن، جڏهن ته پاڪستان سفارتي عمل ۾ مرڪزي ثالث آهي.
ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل امن معاهدي تي اليڪٽرانڪ دستخط جي مختلف آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي. آفيسر هڪ ورچوئل دستخطي ميڪنزم تي غور ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته ان مقصد لاءِ زوم گڏجاڻيون منعقد ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تجويز ڪيل ورچوئل اجلاس ۾ مرڪزي ثالث طور شرڪت ڪندو، جڏهن ته پٺڀرائي سفارتڪاري ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ٻيا اهم ملڪ به ان عمل جو حصو هوندا.
متوقع شرڪت ۾ سعودي عرب، ترڪي، قطر، مصر ۽ خطي جا ٻيا اهم ملڪ شامل ٿي سگهن ٿا. ذريعن موجب تجويز ڪيل معاهدي کي ”ڊڪليئريشن آف اسلام آباد“ يا ”مفاهمت جي ياداشت اسلام آباد“ جو نالو ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته امن معاهدي جي ٻين مرحلن ۽ ٽيڪنيڪل معاملن تي به ڪم جاري آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ان امن معاهدي تي صحيحون آچر تي متوقع آهن. ساڳئي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي امن معاهدي تي آچر تي پوسٽ ڪئي.


