اسلام آباد:
پرڏيهي آفيس چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي خطي جي سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي وچ اوڀر جي صورتحال تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حوثي مليشيا طرفان سعودي عرب ۽ ريڊ سمنڊ ۾ ڪمرشل شپنگ کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته اسان سعودي عرب جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ کي ورجايو ٿا. يمني هٿياربند گروپن پاران سعودي عرب تي حملا خطي جي صورتحال کي خراب ڪندا. پاڪستان طرفان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان حوالي سان ايراني گهرو وزير پاڪستان جو دورو ڪيو آهي.
طاهر اندرابي چيو ته 18 جولاءِ تي پاڪستان ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن ۾ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن ڪالهه منيلا ۾ ايشيان جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي تحفظ تي زور ڏنو.
هن چيو ته منيلا ۾ پاڪستان ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات به ٿي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ بشڪيڪ پهچندو، جتي هو ڪرغزستان جي صدر سميت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ڪندو.
ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم منيلا ۾ ايشيان ريجنل فورم جي 34هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان 2004ع کان ايشيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي، نائب وزيراعظم جي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ۽ جنرل اسيمبلي جي نئين چونڊيل صدر خليل الرحمان سان به ملاقات ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. پاڪستان يورپي يونين جي جي ايس پي رپورٽ جي آجيان ڪئي. يورپي يونين جي رپورٽ ۾ پاڪستان پاران ڪيل مجموعي پيش رفت جو احاطو ناهي ڪيو ويو. جي ايس پي پلس جي حيثيت ٻنهي ڌرين لاءِ فائديمند آهي. پاڪستان يورپي ڪميشن ۽ ٻين ادارن سان مثبت لاڳاپا برقرار رکندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، اها رپورٽ بي بنياد آهي. افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهي. ڪا به ذميوار رياست خاموش نه رهي سگهي ٿي جڏهن ان جي شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي خطرن جو ڀرپور جواب ڏنو. پاڪستان پنهنجي ڪاررواين ۾ صرف دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو. ايمنسٽي انٽرنيشنل افغانستان جي صورتحال جي تناظر ۾ اصل سبب سامهون آڻڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سفارتڪاري ذريعي امن ۽ سلامتي کي موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان اميد نه ڇڏي. اسلام آباد ايم او يو امن جي واپسي لاءِ بنيادي ڍانچي فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آسٽريلوي پرڏيهي وزير پيني وونگ سان ايشيان ريجنل فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان-آسٽريليا لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ آسٽريليا اعليٰ سطحي رابطن ۽ باقاعده سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.
ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آسٽريلوي پرڏيهي وزير پيني وونگ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ آسٽريليا پائيدار امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون جي احترام تي زور ڏنو.
طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي آواز اٿاريندو رهندو. والاريل ڪشمير ۾ قابض طاقت جي حيثيت سان ڀارت انساني حقن کي يقيني بڻائڻ جو پابند آهي. پاڪستان فلسطين جي صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي. فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان 8 مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏيل رابطي ۾ آهن.
هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جي زنده علامت آهي. ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي ڏيڻ جي خبر ناهي.
هن چيو ته پاڪستان-آمريڪا واپاري ڳالهيون جاري آهن ۽ ٽيرف جي معاملي تي اڃا فيصلو ناهي ٿيو. آمريڪا ٽيرف ۽ چائلڊ ليبر واري معاملي تي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪارگل جنگ جو معاملو هاڻي تاريخ جو حصو آهي. مرحوم سرتاج عزيز جو ڪارگل تي لکيل ڪتاب شاندار آهي.
هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صورتحال کان آگاهه آهي. قانوني سفري دستاويز نه هجڻ جي ڪري ڪنهن کي جلاوطن ڪرڻ مروج بين الاقوامي قانون جي مطابق آهي. جيڪڏهن پاڪستاني شهري کي بغير دستاويزن جي افغانستان ۾ رهڻ جو حق ناهي ته پوءِ ڪنهن به افغان کي دستاويزن کانسواءِ پاڪستان ۾ رهڻ جو حق ناهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان شهري دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا شهري ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث مليا آهن ته انهن سان نفرت ڪئي ويندي آهي. پرامن افغان شهرين خلاف نفرت پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستاني کليل دل آهن.


