آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان جوهري معاهدي کي اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب ابراهام معاهدي ۾ شامل ٿيو ته اهو وچ اوڀر ۾ امن لاءِ تاريخي قدم هوندو.
نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ابراهيمي معاهدي ۾ سعودي عرب جي شموليت سان نه رڳو اسرائيل ۽ عرب دنيا جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب کُليندو پر پوري خطي ۾ استحڪام ۽ تعاون جا موقعا به وڌندا.
واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران سعودي عرب جي سول ايٽمي پروگرام کي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ کان مشروط ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي چيو هو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ تجويز ڪيل سول ايٽمي معاهدو ان وقت تائين منظور نه ڪيو ويندو جيستائين سعودي عرب ابراهيم معاهدي ۾ شامل نه ٿيندو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ته تجويز ڪيل معاهدو رڳو پرامن ۽ غير فوجي مقصدن لاءِ هوندو ۽ سعودي عرب کي يورينيم افزودگي جي اجازت نه ڏيندو.
ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ جڏهن جوهري معاهدي جي شروعاتي منظوري جو اعلان ڪيو ويو هو ته صدر ٽرمپ ان کي سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شرط سان نه ڳنڍيو هو پر بعد ۾ هن واضح ڪيو ته ٻئي معاملا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.
ان دوران سعودي حڪومت صدر ٽرمپ جي تازي بيان تي اڃا تائين باضابطه ردعمل نه ڏنو آهي پر رياض ڪيترن ئي موقعن تي واضح ڪري چڪو آهي ته هو اسرائيل کي ان وقت تائين تسليم نه ڪندو جيستائين فلسطيني رياست جي قيام لاءِ ڪو قابل عمل ۽ واضح رستو نه ٿو اچي.
سعودي عرب جو موقف آهي ته 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست جو قيام، اوڀر يروشلم کي ان جو گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن جو تحفظ اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جا بنيادي شرط آهن.
ابراهيمي عهد ڇا آهن؟
ابراهام معاهدو 2020 ۾ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ متحده عرب امارات، بحرين، سوڊان ۽ مراکش اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. بعد ۾ قزاقستان به ان معاهدي جي حمايت جو اعلان ڪيو پر سعودي عرب اڃا تائين ان جو حصو نه بڻيو آهي.
انهن معاهدن جو مقصد عرب ۽ مسلمان ملڪن اسرائيل سان سفارتي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي فروغ ڏيڻ هو پر غزه جنگ ۽ فلسطين جي مسئلي سبب سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جو عمل روڪي ڇڏيو آهي.


