شندور پولو فيسٽيول جو فائنل گلگت بلتستان جي ٽيم کٽي ورتو.
تفصيل موجب فائنل ميچ ۾ گلگت بلتستان جي ٽيم چترال کي 5 گولن جي مقابلي ۾ 6 گولن تان هارائي ڇڏيو.
اختتامي تقريب جو مهمان خاص ڪور ڪمانڊر ايڪس آءِ ڪور ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري هو، جنهن فائنل ميچ جي شروعات بال اڇلائي ڪئي.
ميچ جي پهرين هاف ۾ چترال پنج ۽ گلگت چار گول ڪيا.
چترال جي ٽيم کي 13 سالن کانپوءِ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پولو گرائونڊ ۾ گلگت بلتستان جي رانديگرن فائنل ميچ جي فتح جو جشن ملهايو.
پولو فيسٽيول پاڪستان آرمي، خيبرپختونخوا ڪلچر اينڊ ٽورازم اٿارٽي، چترال اسڪائوٽس ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو.
فائنل ميچ ۾ آءِ جي ايف سي ميجر جنرل رائو عمران، ڪمانڊنٽ چترال اسڪائوٽس ڪرنل ارسلان، ڪمشنر مالاڪنڊ مسعود احمد، سيڪريٽري سياحت خيبرپختونخوا سعادت حسن، ڊي جي ٽورازم اٿارٽي شاهد خان، ڊپٽي ڪمشنر اپر چترال محمد عمران پڻ موجود هئا.
لکين ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن ميچ کي ڏٺو.


