ايڌي فائونڊيشن 11 سال اڳ گم ٿيل ڇوڪري کي پنهنجي خاندان سان گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
تفصيل موجب ايڌي فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته 15 ڊسمبر 2015ع تي اختر ڪالوني واري علائقي مان 12 ورهين جي ٻارڙي ريلا جو لاش هٿ اچڻ بعد ايڌي هوم سهراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو هو.
ڇوڪريءَ جي ايڌي گهر ۾ سار سنڀال ٿيندي رهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلا جي عمر 23 سال ٿي وئي، آخرڪار 11 سالن کانپوءِ ريلا جي والد جي سڃاڻپ ٿي.
اختيارين سندس سڃاڻپ جي تصديق بعد ريلا کي سندس پيءُ حق نواز ۽ ڀاءُ حوالي ڪيو.
گهرڀاتين سان وڏي عرصي کانپوءِ ملاقات جي موقعي تي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا.


