بيجنگ: چين دعويٰ ڪئي آهي ته پرڏيهي انٽيليجنس ۽ جاسوسي ادارا ملڪ جي سامونڊي علائقن جي نگراني لاءِ نوان ۽ غير روايتي طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ سينسر سان ليس آبي جانورن جو استعمال به شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چين جي اسٽيٽ سيڪيورٽي واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته چين جي چوڌاري سمنڊن ۾ خاموش پر پيچيده ڳجهي جنگ هلي رهي آهي، جتي مختلف پرڏيهي تنظيمون حساس معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جديد جاسوسي سامان استعمال ڪري رهيون آهن.
چين جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم WeChat تي هڪ بيان ۾، وزارت دعوي ڪئي آهي ته ڪجهه غير ملڪي ايجنسيون وڏن سامونڊي جانورن، خاص طور تي ڪڇن ۽ مڇين تي خاص سينسرز نصب ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي معلومات گڏ ڪرڻ لاء استعمال ڪري رهيا آهن.
بيان موجب، اهي سينسرز حقيقي وقت ۾ پاڻي جي گرمي، لوڻ، سامونڊي وهڪري جي هدايت ۽ ٻين حساس معلومات کي رڪارڊ ڪن ٿا. بعد ۾ اها معلومات سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن ذريعي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري سگهجي ٿي.
چيني وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙيون سرگرميون قومي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿيون ڇو ته دفاع ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان سامونڊي معلومات وڏي اهميت رکي ٿي.
جڏهن ته اسٽيٽ سڪيورٽي واري وزارت پنهنجي بيان ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ته اهڙا مبينا جاسوس جانور ڪٿان مليا، ڪيترا مليا يا انهن جي پويان ڪهڙيون پرڏيهي ايجنسيون آهن.
چين پاران اها دعويٰ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن سامونڊي نگراني، انٽيليجنس سرگرمين ۽ حساس سامونڊي علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي اڳ ۾ ئي عالمي خدشا آهن.


