آمريڪا-ايران معاهدو ٿي چڪو آهي، پر اسرائيل جي جدوجهد اڃا ختم ناهي؛ نتنياهو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پهريون ڀيرو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فائربندي معاهدي تي ردعمل ڏنو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اڳئين موقف تي قائم نظر اچي رهيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي صحافين سان عبراني ۾ ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو ته سندس حڪومت جو بنيادي مقصد اسرائيل لاءِ موجود ايٽمي خطري کي ختم ڪرڻ آهي.

اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي تي محتاط ردعمل ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ سفارتي اڳڀرائي ٿي آهي پر اسرائيل جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي جي باوجود واضح ڪيو آهي ته اسرائيل ڪنهن به صورت ۾ ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ ان مقصد لاءِ هر ضروري قدم کنيا ويندا.

هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل عملن ايران جي ايٽمي ارادن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اسرائيل کي ممڪنه ايٽمي تباهي کان به بچائي ورتو.

نتنياهو چيو ته اسان پنهنجا مقصد واضح ڪري چڪا آهيون ۽ ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو اهو ڪنداسين.

هن چيو ته اسرائيل خطي ۾ ايران ۽ ان جي اتحادي گروپن جي سرگرمين جي مسلسل نگراني ڪندو ۽ ان جي سلامتي لاءِ ضروري قدم کڻندو.

لبنان جي صورتحال تي ڳالهائيندي نيتن ياهو دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي فوج انهن علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي جتان حزب الله اسرائيل لاءِ خطرو هو.

هن اهو به چيو ته اسرائيل لبنان اندر قائم سيڪيورٽي زونز ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکندو. اسان هر قيمت تي انهن سيڪيورٽي زونن ۾ رهنداسين.

اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا-ايران ڳالهين تي سڌي ريت تنقيد نه ڪئي پر ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي قيادت کي خدشو آهي ته ان معاهدي سان ايران کي معاشي رليف ۽ سفارتي فائدا ملندا.

ياد رهي ته اسرائيل هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايران جي ايٽمي سرگرمين ۽ خطي ۾ ان جي اتحادي گروپن جي ڪردار جي سخت نگراني ضروري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment