ترڪي جي شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ايجي ارتم 35 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، مشهور ٽي وي ڊرامي ”هڪ محبت“ ۾ ”آشيل“ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره جي اوچتي موت مداحن ۽ فنڪار برادري کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. ترڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايجي ارتم سومر جي منجهند تي پنهنجي گهر ۾ بيهوش حالت ۾ ملي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر ۾ هئي جڏهن کيس اوچتو طبي ايمرجنسي پيش آئي. افسوس، انهن کي بچائي نه سگهيو. اداڪارا جي وڪيل اوغور گوڪ ڪويون موجب شروعاتي ميڊيڪل ٽيسٽن ۾ شڪ آهي ته هوءَ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي آهي. هوڏانهن واقعي جي باضابطه جاچ جاري آهي ۽ موت جو حتمي ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي سامهون اچي سگهندو. وڪيل سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي به ترديد ڪئي ته اداڪارا خودڪشي ڪئي آهي. اجي ارتم هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي 35 هين سالگرهه ملهائي هئي، جنهن کانپوءِ سندس اوچتو موت جي خبر سندس مداحن کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو هو. 14 جون 1991ع تي ترڪي جي شهر سيواس ۾ جنم وٺندڙ ايجي ارتم 2014 ۾ ياسر يونيورسٽي جي اوپيرا ۽ ووڪل پرفارمنس ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ڪئي، بعد ۾ هن استنبول جي سعدي عليشڪ ڪلچرل سينٽر مان اداڪاري جي تربيت حاصل ڪري شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو. هن ترڪي ڊرامي One Love ۾ ‘Asil’ جي ڪردار لاءِ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي، جنهن کيس ملڪ جي اڀرندڙ باصلاحيت اداڪارائن مان هڪ بڻايو. سندس غير متوقع موت تي مداحن ۽ ساٿي فنڪارن سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
Source link

مشهور ترڪي اداڪارا پنهنجي 35 هين سالگرهه ملهائڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ فوت ٿي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

