لاهور جي علائقي سندر ۾ کليل مين هول هڪ ٻي زندگي نگلائي ورتي.
تفصيل موجب لاهور جي علائقي سندر ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو حسن خيل مين هول ۾ ڪري پيو.
واقعي بعد ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندر پوليس واقعي بابت قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي طرف چھانگا مانگا ويجهو تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن تي وڏي وزير مريم نواز شريف نوٽيس ورتو ۽ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
وڏي وزير مريم نواز سوڳوارن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ذميوار ڌرين جو تعين ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.


