ڪراچي:
عزيز آباد ۾ چورن گهرن ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ايڪسپريس موجب عيد تي به شهر قائد جا شهري ڌاڙيلن کان محفوظ نه رهيا، عزيز آباد جي فيڊرل بي ايريا بلاڪ 9 ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيلن بندوق جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ تلاشي دوران الماري مان سونا زيور ۽ نقدي چوري ڪري فرار ٿي ويا.
گهر جي رهواسڻ مرزا محمد بيگ ٻڌايو ته خميس جي ڏهين وڳي قصاب قرباني جي جانور جو گوشت تيار ڪري رهيو هو ته پهرين ماڙ تي رهندڙ زميندار ان تي حملو ڪيو، ان دوران موٽرسائيڪلن تي سوار اڌ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيل آيا، جن مان ڪجهه آن لائين موٽر سائيڪل سوارن جا هيلمٽ پهريل هئا. جڏهن ته چورن جو انگ 8 جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پيو وڃي جيڪي موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي 1 ڪروڙ 30 لک رپيا روڪ رقم، زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
رهواسين جو چوڻ آهي ته قوي امڪان آهي ته ڌاڙيلن کي اطلاع هئي ۽ واقعي دوران هنن رڳو الماري جي تلاشي ورتي جنهن ۾ سونا زيور ۽ نقدي رقم هئي.
واقعي جو اطلاع فوري طور هيلپر 15 کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪري شاهديون گڏ ڪيون جڏهن ته علائقي ۾ لڳل ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن جا فوٽيج پڻ گڏ ڪيا پيا وڃن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه اهم ثبوت مليا آهن جن جي مدد سان جلد جوابدارن جو پتو لڳايو ويندو.
خانگي ٽي وي چينل جي ڪرائم رپورٽر جي گهر ۾ چوري
ٻئي طرف عيد الاضحيٰ جي پهرين ڏينهن نامعلوم جوابدارن لياقت آباد پوسٽ آفيس ڀرسان رهندڙ ڪرائم رپورٽرز ايسوسيئيشن جي اڳوڻي انفارميشن سيڪريٽري ۽ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي ڪرائم رپورٽر خرم گلزار جي گهر جا تالا ٽوڙي سونا زيور، نقدي ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع فوري طور تي سپر مارڪيٽ پوليس کي ڏنو ويو، جنهن بعد ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو نوٽيس
ڪرائم رپورٽرز ايسوسي ايشن پاران خرم گلزار جي گهر جا تالا ٽوڙڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي ڊي آءِ جي ويسٽ زون ۽ ايس ايس پي ضلعي سينٽرل کان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو خانگي ٽي وي جي رپورٽر جي گهر تي ڇاپو هنيو، جڏهن ته خانگي ٽي وي چينل جي ڪرائم رپورٽر عامر سپرو کان ڦر واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي پوليس چيف آزاد خان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف کي هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي واقعن جي لاڳاپيل ايس پي جاچ ذريعي فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ متاثر صحافين سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.


