ايراني ٻيٽ قشم تي آمريڪي فوج جي ڪارروائي جي دعويٰ کانپوءِ ايران جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪندي خطي ۾ آمريڪي مفادن ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) موجب آمريڪي فورسز قشم ٻيٽ ۾ ايراني فوجي تنصیب کي نشانو بڻايو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو قدم ايران طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي.
CENTCOM موجب، آمريڪا ۽ اتحادي دفاعي نظام ڪيترن ئي ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز کي رستي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل ڪجهه بيلسٽڪ ميزائل پنهنجي هدفن تائين پهچڻ ۾ ناڪام ٿيا.
ڪويت طرف فائر ڪيل 2 ميزائل رستي ۾ ئي ڪري پيا، جڏهن ته بحرين طرف ويندڙ 3 ميزائل آمريڪي ۽ بحرين فورسز فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا.
ساڳئي وقت آمريڪي فوج هڪ آئل ٽينڪر کي ناڪاره بڻائڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي جيڪو مبينا طور تي ايراني ٻيٽ خارگ طرف وڃي رهيو هو.
آمريڪي عملدارن موجب جهاز تي بوٽسوانا جو جهنڊو ڦڙڪندو هو.
ٻئي طرف ايراني پاسداران انقلاب آمريڪي ڪارروائي تي فوري جواب ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قشم ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن.
ايراني ميڊيا موجب، جوابي ڪارروائي ۾ بحرين ۾ آمريڪي پنجين فليٽ جي هيڊ ڪوارٽر، ڪجهه فضائي تنصيبات ۽ هيلي ڪاپٽر سينٽرن کي نشانو بڻايو ويو.
پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جو جواب ڏيڻ ناگزير آهي ۽ خطي ۾ ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
عرب ميڊيا موجب بحرين، ڪويت ۽ عراق ۾ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بحرين جي مختلف علائقن ۾ الارم سائرن وڄايا ويا.
بحرين جي گهرو وزارت شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ٻئي طرف ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائي هرمز جي ويجهو ايراني آئل ٽينڪر کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پاسداران انقلاب هڪ ٻيڙي تي ميزائل حملو ڪيو.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي آبنائے هرمز جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.


