ڪراچي:
شهر قائد ۾ هيل پارڪ جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف رات دير سان وڏو آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڳري مشينري جي مدد سان ڪيتريون ئي اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون.
ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي شروع ڪيل ان آپريشن دوران تڪراري پلاٽ تي ٺهيل بائونڊري وال سميت ڪيتريون ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. ڊسٽرڪٽ انڪروچمينٽ شير علي جي نگراني ۾ لينڊ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ڪارروائي ڪئي.
ايم سي جي ترجمان موجب هيل پارڪ ڀرسان سموريون غير قانوني اڏاوتون هٽايون ويون آهن ۽ علائقي کي مڪمل طور تي حددخلين کان پاڪ ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ميئر ڪراچي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري کي خط لکي پلاٽ نمبر 39 جي-4 بلاڪ 6 جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب ڄاڻايل پلاٽ بابت پي اي سي ايڇ ايس پاران ليز تي ڏيڻ جون دعوائون سامهون اچي رهيون آهن، جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف بلا تفريق ڪارروائي جاري رهندي، حڪومتي ۽ محفوظ علائقن ۾ حددخلين جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪيو ويندو.


