سنڌ ڪابينا نئين مالي سال 27-2026ع جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، خاص معاونن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ جي مالي سال 2025-26 دوران رڪارڊ ترقياتي منصوبن تي ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.

ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ عوامي خدمت جو سفر جاري رکيو ويندو ۽ نئين مالي سال ۾ سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

ڪابينا مالي سال 27-2026ع جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ سماج جي هر طبقي جو خيال رکيو ويو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي غربت جي خاتمي لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته پورهيت طبقي جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت بابت به اهم فيصلو نئين بجيٽ جو حصو بڻايو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment