ڪراچي:
عدالت 33 ڪروڙ رپين جي فراڊ واري ڪيس ۾ 4 بينڪن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
خاص بينڪنگ ڪورٽ ۾ 33 ڪروڙ رپين جي بينڪ فراڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت 4 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جوابدارن ۾ عائشه خالد، رانا شاهن، امان ۽ امبرين شامل آهن.
پراسيڪيوشن موجب ڪيس جو مرڪزي جوابدار عاطف نقوي جيل ۾ آهي. جوابدارن کي اپريل ۾ ايف آءِ اي بينڪنگ سرڪل گرفتار ڪيو هو. جوابدار عاطف خانگي بئنڪ آفيسرن جي مدد سان هڪ خانگي پاور ڪمپني جو جعلي چيڪ بڪ ٺاهي ان ذريعي اڪائونٽ ۾ 330 ملين رپيا منتقل ڪيا.
استغاثه موجب رقم منتقل ٿيڻ بعد بينڪ انتظاميا پاور ڪمپني کي آگاهه ڪيو. خانگي ڪمپني جو چوڻ آهي ته هنن ان رقم جو ڪو به چيڪ جاري ناهي ڪيو. خانگي پاور ڪمپني جو اڪائونٽ خيابان شهباز ۾ آهي. جوابدارن بينڪ آفيسرن جي سهڪار سان جعلي چيڪ بڪ جاري ڪيا.


