پشاور:
اڳوڻي گودام انچارج کي ڪڻڪ چوري ڪيس ۾ 13 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
خيبرپختونخواهه جي اينٽي ڪرپشن عدالت چترال جي علائقي بمبوريت ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي گودام مان لکين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ گودام جي اڳوڻي انچارج عبدالجليل کي ٻن مختلف دفعات تحت 13 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي اسپيشل جج آصف رشيد ڪئي.
استغاثه موجب جوابدار عبدالجليل چترال بمبئي جي سرڪاري گودام ۾ ڪڻڪ کائي هئي. جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوابدارن گودام مان 214 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب ڪئي، جنهن سان سرڪاري خزاني کي 1 ڪروڙ 13 لک رپين جو نقصان ٿيو.
پراسيڪيوشن موجب معاملي جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ باضابطا ٽرائل شروع ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ٽرائل دوران پيش ڪيل ثبوتن ۽ رڪارڊ جي بنياد تي مٿس ڏوهه ثابت ٿي ويو.
عدالت عبدالجليل کي مجموعي طور هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي.
فيصلي کانپوءِ اينٽي ڪرپشن عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪندي کيس فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل سوات منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.


