بي جي پي جي ڪٺ پتلي ڀارتي وزير اعظم مودي پاران پکڙيل نفرت جي نتيجي ۾ اولهه ۾ رهندڙ هندستانين لاءِ هندو فوبيا جو نئون خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
مغربي ملڪن ۾ وڌندڙ هندو قومپرستي هندستانين جو اصل چهرو عالمي اسٽيج تي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، جتي مودي سرڪار پاران سيکاريل انتهاپسندي پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي جرنل نيشنل هيرالڊ موجب مودي جي خود ساخته عالمي طاقت جي تاثر سبب ٻاهرين ملڪن ۾ ڀارتي روين تي تنقيد وڌي وئي آهي. مودي جي حامي مغربي ملڪن ۾ غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ مقامي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ڪئي آهي.
نيشنل هيرالڊ موجب، مودي حڪومت جي خودمختاري واري سوچ هندستاني سياحن کي سيکاريو آهي ته هو مختلف ملڪن جي مقامي عملن کان نفرت ڪن.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته مودي جي نفرت آميز هندوتوا پاليسين جو نقصان هاڻي ڀارتي شهري پاڻ ڀوڳي رهيا آهن. مودي جي هندوتوا سوچ سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا کي جنم ڏنو ۽ اڄ هندستاني شهري ان انتهاپسندي جي جواب ۾ هندو فوبيا کي منهن ڏئي رهيا آهن.


