جي 7 سربراهه اجلاس ۾ ميمبر ملڪن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب اها ڳالهه ميزبان ملڪ فرانس جي صدر ايمنيوئل ميڪرون جي 7 سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.
هن وڌيڪ چيو ته جي 7 جي سمورن ميمبر ملڪن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي جي آجيان ڪئي آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته اها پيش رفت وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
ايممنول ميڪرون چيو ته عالمي اڳواڻن جي گڏيل راءِ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو خطي ۾ عدم استحڪام جي خاتمي ۽ سفارتي حل جي طرف اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿو.
هن لبنان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اتي فوري، مڪمل ۽ پائيدار جنگ بندي ناگزير آهي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد دوران لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.
فرانسيسي صدر چيو ته جي 7 اجلاس ۾ يوڪرين جي جنگ به اهم موضوع هو، جتي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ فوجي ۽ سفارتي توازن يوڪرين جي حق ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.
ايمنيوئل ميڪرون اجلاس کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته عالمي اڳواڻن مختلف عالمي بحرانن تي گڏيل حڪمت عملي، اتحاد ۽ تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو موجوده عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام ضروري آهي.


