آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


برمنگھم:

آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي مسلسل ٻي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو جتي ڏکڻ آفريڪا سخت ۽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ ٿي جتي مڊل آرڊر سميت اڪثر بيٽسمين ڏکڻ آفريڪي بالنگ جو گهڻو وقت مقابلو نه ڪري سگهيا.

بيٽنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ شاندار ڪارڪردگي ڪپتان فاطمه ثناءَ جي رهي جنهن 38 بالن تي 55 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ 2 شاندار ڇڪا شامل هئا.

ان کان علاوه طوبيٰ حسن 23 رنسون ٺاهي اسڪور کي سهارو ڏنو پر مجموعي طور پاڪستاني بيٽنگ لائن وقت بوقت دٻاءُ جو شڪار رهي ۽ غلط رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي 4 رانديگر رن آئوٽ ٿي ويا.

هدف جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريڪا شروع ۾ محتاط انداز اختيار ڪيو پر پاڪستاني بالرن شاندار واپسي ڪري ميچ کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو.

هڪ موقعي تي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 107 رنسن تي 6 وڪيٽون وڃائي چڪي هئي ۽ مقابلو پاڪستان جي حق ۾ ٿيندو نظر اچي رهيو هو.

جڏهن ته آخري اوورن ۾ ڊرڪسن 52 رنسون ٺاهي ۽ ڊي ڪلرڪ 37 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي ٽيم کي فتح جي رستي تي آڻي ڇڏيو.

ڏکڻ آفريڪا 127 رنسن جو گهربل هدف 17 هين اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

پاڪستان طرفان بالنگ ۾ فاطمه ثنا 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سعديه اقبال ۽ طوبا حسن 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

هن ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي اها مسلسل ٻي شڪست آهي، ان کان اڳ قومي ٽيم کي پنهنجي پهرئين ميچ ۾ روايتي حریف ڀارت خلاف شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

پاڪستان وومينز ٽيم پنهنجي ايندڙ اهم ميچ ڇنڇر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي جتي ٽيم جي واپسي جون اميدون زندهه رکڻ لاءِ فتح اهم هوندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment