تهران: ايران جي پارلياماني اسپيڪر ۽ چيف مذاڪرات ڪندڙ محمد باقر غالب چيو آهي ته ايران مضبوط ۽ پراعتماد موقف سان آمريڪا سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ تازين فوجي ڪاميابين تهران جي پوزيشن مضبوط ٿي آهي.
ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد باقر قاليباف چيو ته موجوده ڳالهين ۽ ماضي جي ڳالهين ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته اڄ ايران جنگ جي ميدان ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي پٺڀرائي سان ڳالهين جي ميز تي ويٺو آهي.
هن چيو ته ايران جي فوجي ڪاميابين کي عالمي سطح تي دوستن ۽ مخالفن طرفان تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اهي ڪاميابيون موجوده سفارتي عمل کي مضبوط بنياد فراهم ڪري رهيون آهن.
قاليباف چيو ته ڪنهن به جنگ ۾ فتح ان وقت تائين مڪمل فائدو نه ڏيندي آهي جيستائين ان کي قانوني ۽ سياسي معاهدي جي صورت ۾ محفوظ نه ڪيو وڃي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران جي تازي ڪاميابين کي سياسي ۽ قانوني نتيجن ۾ ترجمو ڪرڻ ضروري آهي جيڪي ملڪ جي ڊگهي مدي واري مفادن جو تحفظ ڪري سگهن.
ايراني اسپيڪر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جنگ ۾ حاصل ڪيل فتوحات کي رسمي دستاويزن ۽ معاهدن ۾ شامل نه ڪيو ويو ته انهن ڪاميابين جا فائدا وقت گذرڻ سان گڏ ضايع ٿي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ايران جي قيادت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته موجوده ڪاميابيون ملڪ جي سياسي، سفارتي ۽ قومي مفادن لاءِ پائيدار نتيجا ڏين.
سندس بيان کي اهڙي وقت اهم قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف معاملن تي سفارتي رابطا ۽ ڳالهيون جاري آهن.


