موٽر وي پوليس ايمانداري جو مثال قائم ڪندي قيمتي زيور ۽ سامان سان ڀريل ٿيلهو هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو.
موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب گوادر ويجهو موٽر وي پوليس کي 22 لک رپين جي ماليت جي سون جي زيورن سان ڀريل بيگ هٿ آيو، جنهن کي بحفاظت مالڪ جي حوالي ڪيو ويو.
ترجمان جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ۽ مقامي ذريعن جي مدد سان اصل مالڪ جو پتو لڳايو ويو ۽ سموري قانوني ڪارروائي کانپوءِ سامان واپس ڪيو ويو.
مالڪ لکين روپين جي زيورن جي بحفاظت واپسي تي موٽر وي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آفيسرن جي ايمانداري جي واکاڻ ڪئي.
ڊي آءِ جي ويسٽ زون بلوچستان ڊاڪٽر قريشي خان لاڳاپيل آفيسرن لاءِ نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن جو اعلان ڪيو.
موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي.


