آمريڪا ۾ جهاز هاءِ وي تي لينڊ ڪيو، شهرين جان خطري ۾ وجهي مسافرن کي بچائي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ٽيڪساس: آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر لاريڊو ۾ هاءِ وي تي ننڍو جيٽ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جهاز ۾ ڪل 6 ڄڻا سوار هئا جيڪي حادثي جو شڪار ٿيا. جهاز ڪري تباهه ٿيڻ کان پوءِ هاءِ وي تي سفر ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون گاڏيون روڪي ڇڏيون ۽ زخمين کي بچائڻ لاءِ فوري طور حادثي واري هنڌ پهتا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪجهه شهرين جهاز جي ڪاڪ پٽ جي ونڊو ٽوڙي ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ٻيا امدادي ٽيمن جي پهچڻ تائين زخمين جي مدد ڪندا رهيا.

رپورٽن مطابق هڪ شخص مارجي ويو، پر فوري طور تي اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته مارجي ويل شخص جهاز ۾ سوار هو يا زمين تي ڪير مري ويو. مقامي پوليس جهاز ۾ سوار ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي طبي حالت بابت تفصيلي ڄاڻ به جاري نه ڪئي.

آمريڪي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ دونهين ۽ باهه سبب 5 پوليس اهلڪار به متاثر ٿيا، جن کي احتياطي طور تي اسپتال پهچايو ويو.

فلائيٽ ٽريڪنگ ڪمپني موجب ڪري تباهه ٿيل جهاز ميڪسيڪو جي لاس ڪيبوس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿيو هو ۽ لاريڊو ڏانهن وڃي رهيو هو.

لاريڊو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڊائريڪٽر گلبرٽو سانچز شروعاتي طور تي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جهاز کي اڏام دوران فني خرابي پيش آئي، پر حادثي جو صحيح سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

حادثي جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ شهرين کي پنهنجي جان جي پرواهه کانسواءِ مسافرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو وڃي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment