وفاقي ملازمن جي رهائشي ڪالونين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هائوسنگ وزير

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد (بيورو) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ ڪيپٽن ر محمد محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل اسٽيٽ عبيد الدين خميس ڏينهن قصر ناز، فيڊرل لارجز ۽ فيڊرل آفيسر ڪالوني جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ ڪراچي نياز علي لاکو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زوهيب اوڍو ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر فيڊرل لارجز سڪندر حيات پڻ موجود هئا.

هائوسنگ واري وفاقي وزير قصر ناز فيڊرل لارجز ۽ فيڊرل آفيسر ڪالوني گارڊن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدارن کي وفاقي ڪالونين ۽ آفيسن ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

هائوسنگ واري وفاقي وزير لاڳاپيل آفيسرن سان ڳالهائيندي چيو ته هائوسنگ واري وزارت وفاقي ملازمن جي رهائشي ڪالونين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته وفاقي هائوسنگ يونٽن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا.

ان دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ ڪراچي نياز علي لکو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زوهيب اوڍو وفاقي وزير، وفاقي سيڪريٽري ۽ ڊي جي اسٽيٽ کي ڪراچي ۾ وفاقي ڪالونين جي مسئلن، غير قانوني سرڪاري گهرن کي خالي ڪرائڻ لاءِ جاري ڪارروائي ۽ سهولتن جي بهتري لاءِ جاري قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

هائوسنگ واري وفاقي وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته رٽائرڊ ملازمن کان قانوني طور تي ڪرائي جي وصولي جا مسئلا تيز ڪيا وڃن ۽ ڪالونين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment