ڊيپ فيڪ مواد ڪيس، پريتي زنٽا کي گوگل ۽ ميٽا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڪاروباري شخصيت پريتي زنٽا مصنوعي ذهانت جي ذريعي ٺاهيل ڊيپ فيڪ مواد جي خلاف هڪ اهم قانوني ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. بمبئي هاءِ ڪورٽ کين گوگل، ميٽا، ايڪس سميت ٻين ڊجيٽل پليٽ فارمن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جسٽس ابهاءِ آهوجا پريٽي زنٽا جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي کيس عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني، جنهن کانپوءِ اداڪارا اي آءِ جي ٺاهيل وڊيوز، تبديل ٿيل فوٽوز، ميمز ۽ اي آءِ جي آن لائن چيٽ مواد جي ٻين شخصيتن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهندي. پريتي زنٽا جو چوڻ آهي ته سندس اجازت کانسواءِ تيار ڪيل هي ڊجيٽل مواد سندس شخصيت جي حقن، ڪاپي رائيٽ ۽ اخلاقي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ان سان سندس شهرت ۽ عوامي تصوير کي به نقصان پهچي رهيو آهي. اداڪارا جي وڪيل روهن ڪدم عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي پريٽي زنٽا جي سڃاڻپ ۽ شخصيت کي استعمال ڪندي مختلف ڊجيٽل پليٽ فارمز تي مواد ٺاهيو ويو، اپلوڊ ڪيو ويو ۽ نشر ڪيو ويو. وڪيل موجب اهو مواد نه رڳو سندن قانوني حقن کي متاثر ڪري رهيو آهي پر سندن ساک ۽ ذاتي سڃاڻپ کي به نقصان پهچائي سگهي ٿو. هن عدالت کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ معاملي جو حصو بمبئي هاء ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو، ڪجهه لاڳاپيل ڪمپنيون ممبئي کان ٻاهر آهن ۽ مواد سڄي دنيا ۾ آن لائن دستياب آهي. پريٽي زنٽا پاران داخل ڪيل مقدمو بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن پاران AI جي غلط استعمال ۽ ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي جي خلاف وڌندڙ قانوني ڪارروائي جو هڪ نئون مثال قرار ڏنو پيو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment