گووندا ۽ سنيتا جي وچ ۾ طلاق جون افواهون، ڌيء ٽينا آهوجا ذهني پريشاني جو اظهار ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



بالي ووڊ اداڪار گووندا ۽ سندس گهرواري سنيتا آهوجا جي ڌيءَ ٽينا آهوجا پنهنجي شادي شده زندگي بابت گردش ڪندڙ افواهن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙيون خبرون کيس ضرور متاثر ڪنديون آهن پر هاڻ هن انهن کي نظرانداز ڪرڻ سکي ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب 36 ورهين جي ٽينا آهوجا هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته هوءَ ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والدين بابت مختلف اندازن ۽ خبرون ٻڌي رهي آهي. ٽينا آهوجا جو چوڻ هو ته اهڙيون گهڻيون ڳالهيون بي بنياد يا مبالغي تي ٻڌل هونديون آهن، جنهن سبب هوءَ ذهني پريشانين جو شڪار ٿي ويندي آهي. هن چيو ته هاڻي هوءَ اهڙين افواهن جي وضاحت ڪرڻ بدران خاموش رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي شروعاتي زندگي کان وٺي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي. گووندا جي ڌيءَ جو چوڻ هو ته اڳي ان قسم جون خبرون رسالن ۽ اخبارن تائين محدود هيون، پوءِ انٽرنيٽ جو دور آيو ۽ هاڻي اهي شيون انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي به پکڙجي ويون آهن. ٽينا آهوجا چيو ته شوبز جي دنيا ۾ هر وقت ميڊيا تي نيون ڳالهيون سامهون اينديون آهن، ان ڪري عوامي زندگي سان لاڳاپيل ماڻهن کي مضبوط اعصاب جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به فنڪار يا سندس خاندان لاءِ مسلسل قياس آرائي کي منهن ڏيڻ آسان ناهي پر وقت سان گڏ ماڻهو انهن حالتن کي منهن ڏيڻ سکي وٺندو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment