عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 149 ڊالر گهٽجي 4156 ڊالر ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في تولو قيمت 14900 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 38 هزار 366 رپيا جڏهن ته في 10 گرام سون جو اگهه 13410 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 74 هزار 205 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي طرح چاندي جو في تولو اگهه 413 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 946 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 373 رپيا گهٽتائي سان 5 هزار 895 رپيا ٿي ويو.
Source link

سون جي في تولو قيمت ۾ 14 هزار رپين کان وڌيڪ جي گهٽتائي
Leave a Comment Leave a Comment

