ڇا سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جو تجربو خوشگوار نه هو؟ ڪاجل اگروال وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بالي ووڊ ۽ ڏکڻ هندستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪاجل اگروال سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ فلم جي سيٽ تي وقت جي پابندين بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

ڪاجل اگروال شيڀنڪر مشرا جي پوڊ ڪاسٽ تي ڳالهائيندي چيو ته بالي ووڊ کي ڏکڻ هندستاني فلم انڊسٽري مان وقت جي پابندي سکڻ گهرجي ڇو ته اتي سمورا ڪم مقرر وقت موجب ٿين ٿا.

اداڪارا چيو ته هوءَ هميشه وقت تي سيٽ تي پهچڻ جي عادت رکي ٿي پر سلمان خان کيس سيٽ تي سڀ کان ڊگهو انتظار ڪيو.

هن چيو، ”مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي، اهي منجھند يا شام جو سيٽ تي ايندا، ان دوران مان سيٽ تي جم ۾ ورزش ڪنديس. مان ڏکڻ هندستاني فلم انڊسٽري جي نظم و ضبط ۽ وقت جي پابند آهيان.

واضح رهي ته ڪاجل اگروال سلمان خان سان فلم ”سڪندر“ ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن جو هدايتڪار اي آر مروگاداس هو. هي فلم 30 مارچ 2025 تي رليز ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment