ايراني صدر سان فيلڊ مارشل جي اهم ملاقات

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيلڊ مارشل حافظ سيد عاصم منير ايراني صدر مسعود البرزقيان سان اهم ملاقات ڪئي. ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني صدر مسعود المغرقيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ فيلڊ مارشل خاتم الانبياء سينٽر جو دورو ڪيو. واضح رهي ته فيلڊ مارشل اهم دوري تي ڪالهه تهران پهتو، جتي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سندس استقبال ڪيو. فيلڊ مارشل هن وقت تائين پرڏيهي وزير، ايراني اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين سان اهم ملاقاتون ڪري چڪو آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ڇڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪڏهن جنگبندي ۾ واڌ جي ضرورت آهي ته هو تاريخ کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو معاهدو ٿيو ته هو اسلام آباد جو دورو به ڪري سگهي ٿو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment