ٽائيگر شراف جي مسلسل فلمن جي ناڪامين تي پيءُ جيڪي شراف جو رد عمل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



بالي ووڊ اداڪار جيڪي شراف پنهنجي پٽ ٽائيگر جي مسلسل فلمن جي ناڪامين تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪاميابي ۽ ناڪامي ڪنهن جي وس ۾ ناهي، انسان رڳو محنت ڪري سگهي ٿو. تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ جيڪي شروف چيو ته فلمي دنيا ۾ هر اداڪار کي اپائن ۽ نز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ٽائيگر ان حقيقت کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽائيگر هميشه ايمانداري سان ڪم ڪندو آهي ۽ باقي فيصلو ڏسندڙن جي هٿ ۾ هوندو آهي. جيڪي شروف جو چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن سخت محنت جي باوجود نتيجا اميدن موجب نه ايندا آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏي. هن پنهنجي پٽ جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته ٽائيگر اڄ به نوجوانن ۾ پنهنجي فٽنيس، ايڪشن ۽ محنت جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. واضح رهي ته ٽائيگر شراف 2014ع ۾ فلم ”هيروپنٽي“ سان بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو، جڏهن ته ”باغي“ ۽ ”وار“ جهڙين فلمن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. بهرحال، تازو سالن ۾ سندس ڪيتريون ئي فلمون باڪس آفيس تي اميدن تي رهڻ ۾ ناڪام ٿي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment