آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنٽ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ايران جي ڪرپٽو ڪرنسي اثاثن جي لڳ ڀڳ 1 ارب ڊالرن جي ماليت ضبط ڪري ورتي آهي. ريگن نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ پنهنجي تقرير دوران چيو ته هي قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي ايران خلاف جاري معاشي دٻاءُ واري پاليسي جو حصو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آبنائي هرمز بابت فيصلن تي عملدرآمد مرحليوار ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪي قدم کنيا ويندا انهن کي بتدريج ختم ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري چيو ته ايران سان معاهدي جي امڪانن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ ايران پهريون ڀيرو ايٽمي معاملي تي ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن اهو به چيو ته عمان آبنائي هرمز تي ٽيڪس نه لڳائڻ جو واعدو ڪيو آهي پر جيڪڏهن ايران جي مدد ڪئي ته عمان خلاف پابنديون لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي. ان دوران آمريڪي خزاني واري کاتي به ايران خلاف نيون پابندين جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪيترن ئي ايراني شخصيتن ۽ ادارن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ايران کي ضمانت ڏيڻي پوندي ته هو ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو. هن آبنائي هرمز جي ناڪابندي ختم ڪرڻ واري فيصلي تي به اشارو ڏنو ۽ چيو ته ايران جي معاملي تي حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا سان ڪنهن به قسم جو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون جاري ناهن.
Source link

آمريڪا ايران جي هڪ ارب ڊالرن جا ڪرپٽو اثاثا ضبط ڪري ڇڏيا آهن ۽ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
Leave a Comment Leave a Comment

