پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان ندا ياسر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بيان سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
پنهنجي مارننگ شو جي هڪ تازي قسط ۾ ندا ياسر والدين کي مشورو ڏنو ته هو ٻارن کي خود مختيار بڻائين ۽ انهن کي صرف ملڪيت ۽ زيور ڏيڻ بجاءِ زندگي جا تجربا حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏين.
ندا ياسر چيو ته وڌيڪ حفاظتي رويو ٻارن جو اعتماد گهٽائيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته والدين ٻارن کي اڪيلي سفر ڪرڻ، نوان تجربا حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي تربيت ڏين ته جيئن هو مستقبل ۾ آزاد زندگي گذاري سگهن.
مثال ڏيندي هن چيو ته ٻارن کي همت ڏني وڃي ته هو ڪراچي کان لاهور تائين اڪيلو سفر ڪن.
ندا ياسر جي ان بيان تي سوشل ميڊيا صارفين سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٻارن کي اڪيلو سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ غير حقيقي صلاح آهي.
صارفين خدشن جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ ٻارن جي حفاظت جا سنگين مسئلا آهن، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته والدين محتاط انداز اختيار ڪن.



