ايران معاهدي جي ڀڃڪڙي تي سخت جواب ڏيڻ جو انتباہ جاري ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران:

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر طرفان ڪنهن معاهدي جي ڀڃڪڙي يا غير ضروري ۽ سخت مطالبا ڪيا ويا ته ايران سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ کان دریغ نه ڪندو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ قاليباف واضح ڪيو ته معاهدي جي شرطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري ملڪ جي اعليٰ قيادت کي ڏني وئي آهي، جنهن تي سنجيدگي سان عمل ڪيو پيو وڃي.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاهدي ۾ خرابي ڏيکاري وئي يا ٻئي طرف پنهنجي وعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ايران سخت موقف اختيار ڪندو.

هن چيو ته اهڙين ڪاررواين جي صورت ۾ جوابي ردعمل نه رڳو فوري هوندو پر اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ فيصلائتو هوندو.

محمد باقر قالباف وڌيڪ چيو ته ايران ماضي ۾ جنگي حالتن ۾ پنهنجي ميدان تي بيٺو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر ان ئي رستي تي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو ته هن ڀيري اڳي کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو ۽ ڪنهن به صورتحال جو موثر جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment