انڊيا؛ چپس جي پيڪٽ ۾ هڪ رانديڪو هڪ ٻار کي ماري ڇڏيو؛ مسلمان خاندان ۾ افراتفري پيدا ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اهو افسوسناڪ واقعو ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ پيش آيو جتي ننڍڙا فرحان جي چپس کائڻ جي معصوم خواهش سندس جان وٺي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب اننت پور ضلعي ۾ هڪ مسلمان خاندان ۾ ان وقت ماتم ڇانيل آهي جڏهن 5 ورهين جي ٻارڙي ڀرسان دڪان تان چپس جو پيڪيٽ خريد ڪيو ۽ چپس کائڻ دوران فوت ٿي ويو.

چپس جي هن پيڪيٽ ۾ ڪمپني تحفي طور ٻارن لاءِ پلاسٽڪ جو هڪ ننڍڙو رانديڪو پڻ شامل ڪيو آهي. ننڍڙو فرحان بي خبر هو ۽ چپس کائڻ دوران رانديڪو به نگليو جيڪو هن جي ڳلي ۾ ڦاسي پيو.

فرحان کي ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي رهي هئي. گهر ڀاتين ابتدائي امداد ڏني پر ڪجهه ٿيو ۽ ٻارڙي کي فوري طور تي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ويجهي اسپتال نيو ويو پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

ننڍي فرحان جي بي وقت موت سبب مسلمان خاندان ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ شهرين جو وڏو انگ گهر تي گڏ ٿي ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڇا ڪمپني حفاظتي ضابطن تي عمل ڪيو يا پيداوار جي پيڪنگنگ ۾ ڪا غفلت هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جيڪڏهن ڪمپني ڏوهي ثابت ٿي ته صارفين جي حقن جي قانون تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment