سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته ڳالهين جي فيصلي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سياسي بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اپوزيشن پارٽين جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علامه راجا ناصر عباس چيو ته عوام تي ايترو بار وڌو پيو وڃي جو ملڪ نه هلي رهيو آهي، ڳالهين جو مقصد ملڪ کي ٽريڪ تي آڻڻ آهي، پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا سمورا سياسي قيدي بيگناهه آهن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي، ڇا پاڪستان ۾ اختلاف نٿا ٿي سگهن؟ راجا ناصر عباس چيو ته اسان وٽ قرآن، مذهب، انبياء ۽ اولياءَ آهن، ليڊر ناهن، هتي ماڻهو ڳالهائي به نٿو سگهي، جيڪڏهن هن ملڪ کي هلائڻو آهي ته ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، اها حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميواري آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي مخالف ڌر جي چيمبر ۾ اچڻ گهرجي، ڇا ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ وزيراعظم جي ذميواري ناهي؟ اسان ملڪ لاءِ ڳالهيون چاهيون ٿا پر احترام سان ٿيڻ گهرجي.
Source link

اسان ڳالهيون چاهيون ٿا، ان فيصلي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ
Leave a Comment Leave a Comment

