اٽڪ جي علائقي بسال ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نوجوان رانديگر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
ريسڪيو اختيارين موجب پنڊي گھيب جي ڳوٺ ڪسران سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪرڪيٽر امان الله بسال جي ريلوي گرائونڊ ۾ ميچ کيڏي رهيو هو ته اوچتو بيٽنگ دوران دل جو دورو پوڻ سبب ڪري پيو، هو بيهي نه سگهيو.
شروعاتي اطلاعن موجب مقامي ماڻهن کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.


