آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا عالمي پاڻين ۾ ايراني آئل ٽينڪرز ۽ ڪمرشل جهازن کي پڪڙڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.
رپورٽ موجب آمريڪا ان قدم ذريعي ايران تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو ته هو آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ ۽ ان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا کي رعايتون ڏئي.
ٻئي طرف ايران جي پاسداران انقلاب واضح ڪيو آهي ته آبنائے هرمز تي نئون نظام لاڳو ڪيو ويندو، جنهن تحت هن اهم سامونڊي رستي تان گذرندڙ هر جهاز کي ايراني بحريه کان اجازت وٺڻي پوندي.
انقلابي گارڊز موجب سمورا تجارتي جهاز ايران جي مقرر ڪيل مخصوص رستن تي سفر ڪندا، جڏهن ته پرڏيهي جنگي جهازن جي داخلا تي سخت پابندي هوندي.
ايراني بحريه جي سربراهه ريئر ايڊمرل شهرام ايراني آمريڪي پاليسي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ اصل ۾ ايران نه پر ان جي اتحادين کي بلاڪ ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ جي بيانن کي سنجيده نه ورتو پيو وڃي.
واضح رهي ته ايران لبنان ۾ جنگبندي کانپوءِ آبنائي هرمز کي کولڻ جو اشارو ڏنو هو پر بعد ۾ ايران موقف اختيار ڪيو ته جيستائين آمريڪا پنهنجا غيرقانوني قدم ختم نه ڪندو تيستائين هي اهم آبي گذرگاهه مڪمل طور تي بحال نه ڪيو ويندو.
ماهرن موجب جيڪڏهن اهو ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌيو ته عالمي سطح تي تيل جي فراهمي ۽ معيشت تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا.


