ڪراچي:
ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سکر کانپوءِ حيدرآباد ۾ به جلد گلابي اسڪاٽ ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سکر ۾ ڪامياب لانچ کانپوءِ هاڻي حيدرآباد جي عورتن ۾ به گلابي اسڪاٽ ورهايا ويندا. هن چيو ته عورتن کي نه رڳو مفت اسڪوٽر فراهم ڪيا پيا وڃن پر انهن کي ڊرائيونگ لائسنس، هيلمٽ ۽ باقاعده تربيت پڻ ڏني پئي وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ خود انحصار بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد تحت مختلف منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۽ شڪارپور کانپوءِ پيپلز بس سروس جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ وسيع ڪيو پيو وڃي.
هن اعلان ڪيو ته خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻي پور روٽ تي به جلد عوامي بس سروس شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪوهسار حيدر چوڪ ۽ حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار روٽن تي به اها سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي.
سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته انهن منصوبن جو مقصد عوام کي سستي، بهترين ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ حڪومت اهڙيون اسڪيمون متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون فائدو عام ماڻهو، خاص ڪري عورتن، نوجوانن ۽ پورهيت طبقي کي ٿئي.


