برطانيا ۾ ٻن ٽرينن وچ ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت، 33 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


برطانيا ۾ ٻن ٽرينن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڊرائيور فوت ۽ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب حادثي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمون، فائر برگيڊ ۽ طبي عملو فوري طور تي موقعي تي پهچي ويو ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون.

شروعاتي اطلاعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ مسافر ٽرين ۽ ٻي ٽرين هڪ ئي ٽريڪ تي اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو.

حادثي ۾ ٽرين جو ڊرائيور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ٽڪر کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون ۽ مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو. ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو، جڏهن ته ريلوي اختيارين متاثر روٽ تي ٽرين سروس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment