لاهور؛ 12 ورهين جي نينگري سان زيادتي جو جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي 12 ورهين جي نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب اطلاع ملڻ تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار نويد احمد ڇوڪريءَ کي ڌمڪيون ڏئي ساڻس زيادتي ڪئي. جنهن بعد واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جديد خطوط تي جاچ ڪندي ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.

ايس پي صدر شاهه رخ خان چيو ته عورتن سان جنسي ڏاڍائي ۾ ملوث جوابدارن کي اصل سزائون ڏنيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس معاشري ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment