اسلام آباد:
ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ گاسليٽ به سستو ٿي ويو.
وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي ڪندي گاسليٽ جي قيمتن ۾ به اهم رليف ڏنو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 48 رپيا 29 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هاڻي 233 رپيا 90 پيسا في ليٽر تي دستياب آهي.
قيمتن ۾ گهٽتائي فوري طور تي اثرائتو آهي.
ان کان اڳ گاسليٽ جو اگهه 282 رپيا 19 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جو سڌو سنئون فائدو عوام کي ٿيندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا 74 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو هو.


