ڪراچي:
حڪومت جو پاور سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽجڻ جو دعويٰ ڪوڙو ثابت ٿيو، پاور سيڪٽر جو گردشي قرض وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي، ڏهن مهينن ۾ قرض گهٽائڻ بدران 240 ارب وڌي ويو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊولپمينٽ ٿنڪ ٽينڪ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ري فنانسنگ ۽ ريسائيڪلنگ سان گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ناهي آئي پر رڳو تبديلي آئي آهي.
ٿنڪ ٽينڪ جي رپورٽ موجب مالي سال 2026ع جي پهرين 10 مهينن دوران نون گردشي قرضن ۾ 240 ارب رپين جو اضافو ٿيو، اهو قرض 1854 ارب رپين تائين پهچي ويو.
رپورٽ موجب حڪومتي ادارن پاور سيڪٽر جي مجموعي گردشي قرضن جي مقدار ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ڏيکاري آهي، جڏهن ته مالي سال 2026ع جي پهرين 10 مهينن دوران نون گردشي قرضن جي مقدار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي خريداري جا مهانگا معاهدا، بيڪ بريڪنگ ظرفيت جا چارجز ۽ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون پاور سيڪٽر جي خساري جا بنيادي سبب آهن.
پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ بار بار واعدن جي باوجود، گردشي قرض اڃا به پکڙيل آهي. گردشي قرضن جي اسٽاڪ ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي خوشخبري آهي، پر اها گهٽتائي جزوي طور تي ذميوارين کي نئين مالياتي انتظامن ۾ تبديل ڪرڻ جي بجاءِ پتو پوي ٿي… pic.twitter.com/ZkVRl9b1Ru
– اقتصادي پاليسي ۽ ڪاروباري ترقي (@EPBDT) جولاءِ 2، 2026
رپورٽ موجب فنانسنگ ايڊجسٽمينٽ عارضي طور تي گردشي بجلي جي قرض کي دٻائي رهي آهي.


