وومينز ورلڊ ڪپ: بنگلاديش پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ميچ کان اڳ بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، بنگلاديش مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 124 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. بنگلاديش جي ڪپتان نگر سلطانه 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، شورنا اختر 39 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني ڪپتان فاطمه ثنا 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته تسميه رباب، سعديه اقبال ۽ طوبيا حسن هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. 124 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان منيبا علي ۽ گل فيروز سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته ڪپتان فاطمه ثناءِ ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي. بنگلاديش طرفان سنجيده اختر ۽ ناهيده اختر 3-3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته روبيا خاتون ۽ رتوموني هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment