برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته منهنجي قيادت ۾ برطانيه ترقي ڪئي آهي، مون پنهنجي فيصلي کان برطانوي بادشاهه کي به آگاهه ڪيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر وڌندڙ سياسي دٻاءُ سبب جلد استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو. آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪيئر اسٽارمر برطانيا جي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو آهي. بهرحال، هن پنهنجي دعوي جي حمايت ڪرڻ لاء ڪو به تفصيلي ثبوت يا سرڪاري معلومات مهيا نه ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڪارسٽارمر ٻن اهم شعبن، اميگريشن ۽ توانائي پاليسين ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هن خاص طور تي اتر سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي استعمال بابت پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته برطانوي حڪومت انهن وسيلن جو استحصال ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ آمريڪي صدر چيو ته هو ڪيئر اسٽارمر کي نيڪ تمنائن جو خواهشمند آهي.
Source link

برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

