آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ۽ اٽلي جي وزيراعظم ميلوني تي ايران جنگ جي حمايت نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
ٽرٿ سوشل تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا نيٽو تي اربين ڊالر خرچ ڪيا پر اٽلي ۽ نيٽو جي وزيراعظم ايران مان ائٽمي خطرو ختم ڪرڻ ۾ سندس ساٿ ڏيڻ جو سوچيو به نه.
آمريڪي صدر چيو ته ڏهاڪن تائين آمريڪا نيٽو جو دفاع ڪيو پر جڏهن امتحان آيو ته نيٽو ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ اسان جي دفاع لاءِ موجود نه هئا.
هن پنهنجي پوسٽ کي ختم ڪندي لکيو ته آمريڪا سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو آهي.


