ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر ڪيترائي سال اڳ پنهنجي پرائيويٽ تصويرن جي ليڪ ٿيڻ واري تڪرار تي پهريون ڀيرو کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اهي تصويرون سندس اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون. عائشه عمر تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪارا ماريا اشتي سان گڏ ٿائلينڊ ۾ موڪلون گذاري رهي هئي، جڏهن ته سندس خانگي تصويرون سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي ويون هيون. هن چيو ته انهن تصويرن ۾ هوءَ سمنڊ جي ڪناري تي هئي، جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ هن سوئمنگ سوٽ ۽ ٻين تصويرن ۾ گرمين جا ڪپڙا ۽ اسڪرٽ پهريل هئا. اداڪارا موجب تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب سندس ذاتي زندگي سان گڏوگڏ پروفيشنل ڪيريئر به متاثر ٿيو. هن چيو ته ان وقت شوبز انڊسٽري ۾ ڪجهه پروڊيوسر عورتن بابت مخصوص سماجي تصورن کي اهميت ڏيندا هئا، جنهن سبب کين ڪجهه نوڪريون به وڃائڻيون پيون هيون. عائشه عمر واضح ڪيو ته ڪنهن به شخص جي ذاتي تصويرون يا معلومات ان جي اجازت کانسواءِ نشر ڪرڻ رازداري ۽ رضامندي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو هاڻي هوءَ هڪ اين جي او سان گڏ ذاتي ڊيٽا ۽ تصويرن جي غلط استعمال خلاف آگاهي مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي. اداڪارا چيو ته ڪيترن سالن کانپوءِ ان معاملي تي ڳالهائڻ جو مقصد نه رڳو پنهنجي ڏک جو اظهار ڪرڻ آهي پر ماڻهن ۾ اهو شعور به اجاگر ڪرڻ آهي ته ڪنهن جي نجي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ بغير اجازت جي ڪنهن جي معلومات پکيڙڻ جا مستقبل ۾ سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. عائشه عمر جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن. ڪجهه صارفين اداڪارا جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ خانگي معلومات جي تحفظ تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻين ان معاملي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
Source link

سالن کان پوءِ عائشه عمر مختصر لباس ۾ ليڪ ٿيل تصويرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

